سيالڪو?? – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ح??ومت صنعتي سرگرمين جي فروغ، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، ڪاروباري برادري کي سهولتون ڏيڻ، ڏورانهن علائقن جي ترقي ۽ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪاروباري برادري جا ايف بي آر، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين کاتن بابت مسئلا حل ڪنداسين، عوامي مسئلن جي حل لاءِ موثر بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون، ڪورون?? وائرس جي وبا جي صورتحال ۾ معاشي سرگرميون جاري رکڻ اهم چئلينج هو، حڪومت ٺوس قدمن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آندو، ڪورون?? وائرس جي وبا جي پهرين لهر ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪندڙ مخالف ڌر اڄ جلسا ڪري رهي آهي، ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ضروري آهي، عوام ماسڪ پائي ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪري، صحيح معنيٰ ۾ احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ويون ته سرد??ءَ جي موسم ۾ مشڪلاتون پيش اينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ ۾ فضائي ايئر سيال جي افتتاح کانپوءِ ڪاروباري برادري کي خ??اب ڪندي ڪيو.