اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص معاون بئريسٽر شهزاد اڪبر چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ خواجه آصف پنهنج?? قانوني آمدني جي ذريعن بابت ٻڌائڻ ۽ نيب کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعظم جي ??وجوانن جي ??عاملن بابت خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته خواجه آصف شهباز شريف ۽ اسحاق ڊار جي طريقيڪار تي عمل ڪندي لٽ مار ڪئي. اڳوڻي وفاقي وزير مسلم ليگ (ن)جي حڪومتي دور ۾ ملڪ جي ??خت??ف شهرن ۾ اثاثه ٺاهيا.