ڪراچي – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قا??داعظم اڪيڊمي جي لائبريري ۾ سمورن ناياب ڪتابن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪالرز ۽ محققن جي انهن تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي. اهڙن ??يالن جو اظهار هن قا??داعظم اڪيڊمي ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن ب??با??ِ قوم قا??داعظم محمد علي جناح ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ شامل سندس ساٿين جي حوالي سان تحقيق جي لاءِ مرڪز قا??م ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته اهو قومي تاريخ کي محفوظ بڻائڻ جو انتهائي اهم پليٽ فارم آهي جنهن ۾ بنيادي ڌيان پاڪستاني ثقافت، سماجيات، سياست ۽ ملڪي تاريخ جي اقتصادي رخن جي حوالي سان تحقيق، اشاعت ۽ ترويج تي آهي. صدر اڪيدمي جي پهرين ڊائريڪٽر پروفيسر شريف المجاهد ۽ ٻين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان کي هڪ فعال تحقيقي ۽ اشاعتي مرڪز بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اڪيڊمي ۾ تحقيقي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي ض??ورت تي زور ڏنو. قا??داعظم مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ قا??داعظم اڪيڊمي جي ڊائريڪر صدر کي بريفنگ ڏني. صدر کي اڪيڊمي جي انتظامي معاملن ۽ خاص طور تي تحقيق ۽ اشاعت جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو ويو. صدر کي ٻڌايو ويو ته اڪيڊمي قا??م ڪرڻ کانپوءِ هيستائين انگريزي، اردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين ۾ 80 ڪتاب شايع ڪيا ويا جيڪي رعايتي اگهن تي فراهم ڪيا پيا وڃن.