اسلام آ??اد – 02 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ چيئرمين اسد عمر ۽ ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان خان جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، فورم ماسڪ نه پائڻ، سماجي فاصلي ۽ واپاري وقتن بابت ايس او پيز تي عمل ڪرڻ بابت اين سي او سي جي هدايتن تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظها?? ڪيو. فورم ويڪسين جي خريداري جي عمل ۽ ان کانپوءِ صوبن کي منصفاڻي ورڇ جي عمل تي اطمينان جو اظها?? ڪيو، پاڪستان پاران خريد ڪيل هڪ ملين سائنوفارم ويڪسين مل?? چڪي آهي ۽ سمورن صوبن ۾ ورهائي وئي آهي، صوبن کي اهو يقيني بڻائڻو آهي ته اين سي او سي جي ذريعي ??قر?? ڪيل ويڪسينيشن هدفن جي ڀرپور پيروي ڪئي وڃي.