اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزير کي معاشري جي ڪمزور طبقن کي روزگار ۽ گهرن جي تعمير لاءِ قرضن جي فراهمي، صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ غريب خاندانن جي هڪ ماڻهو کي فني ۽ پيشيوراڻي تربيت ڏيارڻ لاءِ جامع منصوبو پيش ڪرڻ جي ذميداري سونپيندي چيو آهي ته ملڪ جي وڏن شهرن جا ماسٽر پلان جلد کان جلد جوڙيا وڃن، سرسبز پاڪستان ايندڙ نسلن جي تحفظ ۽ بهتر ماحول لاءِ ضرور?? آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ گ??ين ايرياز جي تحفظ جي لاءِ زرعي، رهائشي ۽ ٻين زمينن جي استعمال جي حوالي سان مروجه قانونن ۽ قاعدن ۾ تبديلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته جئين زرعي زمين ۽ گ??ين ايرياز جو تحفظ ڪري سگهجي ۽ ڪنهن اهڙي زمين جي نوعيت بدلائڻ جو اختيار اعليٰ سطح تي منتقل ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان معاشري جي ڪمزور طبقن کي روزگار جي لاءِ آسان ۽ گهٽ شرح تي قرضن جي فراهمي، گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ذاتي گهرن جي تعمير جي لاءِ قرضن جي فراهمي، صحت ڪارڊ جي فراهمي ۽ غريب خاندانن جي گهٽ کان گهٽ هڪ ماڻهو کي ٽيڪنيڪل ۽ پروفيشنل هنر ڏيارڻ جي حوالي سان جامع پلان ٺاهڻ ۽ پيش ڪرڻ جي ذميداري ناڻي واري وزير کي سونپي ڇڏي. اجلاس کي ماحوليات واري وزارت پاران جوڙيل گ??ين بلڊنگ ڪوڊ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پائليٽ پراجيڪٽ جي طور تي گ??ين بلڊنگ ڪوڊز نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبن تي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته گ??ين بلڊنگ ڪوڊ توانائي جي بچت، پاڻي جي بچت، تعميري سامان، انڊور هوا جي ڪوالٽي، ٿرمل ڪمفرٽ ۽ جاگرافيائي بيهڪ ۽ ٽرانسپورٽ تي ٻڌل آهي، گ??ين بلڊنگ ڪوڊ لاڳو ڪرڻ سان توانائي جي مد ۾ 24 کان 50 سيڪڙو گهٽتائي، ڪاربان جي اخراج جي مد ۾ 33 کان 35 سيڪڙو گهٽتائي پاڻي جي 40 سيڪڙو بچت ۽ سالڊ ويسٽ ۾ تقريبن 70 سيڪڙو گهٽتائي واقعي ٿيند?? آهي جڏهن ته گ??ين ڪوڊ تي عملدرآمد جي مد ۾ اضافي لاڳت انتهائي گهٽ آهي جيڪا ٻه ٽن سالن ۾ پوري ٿي ويند?? آهي، اجلاس کي ملڪ جي وڏن شهرن جي ماسٽر پلانز کي نئين سر جوڙڻ ۽ ان حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.