اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ ڀارت جو غاصباڻو قبضو گهڻي دير نه رهندو، اتي سيد علي گيلاني جهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا رهندا ۽ ڪ??مير جلد آزاد ٿيندو. هو بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن، وزيرن، آزاد ڄمون ۽ ڪ??مير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ٻين سياسي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير جي آزادي تائين انهن جهڙا حريت پسند پيدا ٿيندا رهندا. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ مسلمانن تي ظلمن سان گڏوگڏ ڀارت جي اندر سمورين اقليتن سان س??وڪ افسوسناڪ آهي، اها صورتحال ڀارت جي بربادي جو سبب بڻجندي جيڪو پاڻ پنهنجي اندر تعصب ۽ اقليتن جي خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي. صدر چيو ته گڏيل قومون والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو پورو نه ڪيو جنهن سان انهن جي ساک متاثر ٿي آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون ضايع نه ٿينديون ۽ انهن جي آزادي جو خواب جلد پورو ٿيندو. ان موقعي تي غائبانه جنازي نماز ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن پڻ سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو.