اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته خوشحالي انصاف ۽ عدل جي نظام سان ئي ممڪن آهي، اهو ئي معاشرو ترقي ڪندو آهي جنهن ۾ قانون جي بالادستي هجي، امير ۽ طاقتور طبقو قانون جي پڪڙ کان آزاد رهيو ۽ ڪمزور طبقن جو قانون جي غلط استعمال ذريعي استحصال ڪ??و ويندو رهيو، وڪيل تنظيمن جي جمهرويت جي فروغ ۽ استحڪام جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي وفد سان ??لاقات ۾ ڪيو. وفد ۾ احمد شهزاد فاروق رانا، محمد اجمل خان، محمد ارشد باجوه چوڌري، قاضي عبدالحميد صديقي، شيرين عمران، محمد افصل جنجوعه، عارف محمود چوڌري، محمد ناصر اقبال صديقي، سيد محمد اسد عباس شاهه، عبدالمالڪ بلوچ، عبدالرزاق شر، فدا بهادر، ڄام آصف محمود لار، منير احمد خان، احمد زيرڪ، راجا عامر خان ۽ راجا اشفاق احمد شامل هئا. ان ??وقعي تي ملاقات ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد احمد، ڊاڪٽر فروغ نسيم، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ اٽارني جنرل خالد جاويد خان ??وجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ مفاد پرست عنصرن قانون جو غلط استعمال ڪ??و، موجوده حڪومت سول ۽ فوجداري قانونن ۾ سڌارا آڻي رهي آه?? ته جيئن عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. وزيراعظم چيو ته قانوني سڌارن سان عدالتن تي ڪيسن جو بار گهٽ ٿي ويندو. وڪيل تنظيمون قانوني سڌارن جي ايجنڊا ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن چيو ته وڪيل برادري کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيون ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. وزيراعظم ان ??وقعي تي وڪيل هائوسنگ ڪالوني ۾ درپيش رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي ۽ وڪيلن کي صحت ڪارڊ جي فراهمي سان گڏوگڏ نئون پاڪستان ??ائوسنگ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي جڏهن ته اها به هدايت ڏن?? ته نوجوان ??ڪيلن کي ڪامياب پاڪستان ??روگرام ۾ شامل ڪ??و وڃي. وزيراعظم قانون واري وزير کي هدايت ڪئ?? ته بار سان ??سلسل رابطي کي يق??ني بڻايو وڃي، ان سان گڏوگڏ بار جي گرانٽس ??ابت ايشوز کي پڻ ترجيحي بنيادن تي حل ڪ??و وڃي.