اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) حڪومت آبادگارن ۽ هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هارين لاءِ خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران ان حوالي سان جاري ڪيل ه??اي??ن ۾ هارين جي مسئلن جي حل لاءِ صوبائي ح??ومتن کي خصوصي ح??م جاري ڪيا ويا آهن جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي هارين جي شڪايتن جي فوري حل لاءِ قدمن جون ه??اي??ون ڪيون ويون آهن.
وزيراعظم عمران خان پاران جاري ه??اي??ن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري آفيسر هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، ان حوالي سان وزيراعظم ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) سمورين صوبائي ح??ومتن کي خط جاري ڪيو آهي، جنهن تحت هاڻي هاري پنهنجا مسئلا سڌو سنوان سٽيزن پورٽل تي ٻُڌائي سگهندا، وزيراعطم آفيس چيو آهي ته پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ هاڻي آبادگارن ۽ هارين کي سرڪاري آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا،
وزيراعظم آفيس ه??اي?? ڪئي ته سمورا چيف سيڪريٽريز هارين جي مسئلن جي حل تي آفيسرن جي ٽه م??هي ڪارڪردگي رپورٽ جوڙين، خط ۾ سمورنص وبن ۾ هارين جي مسئلن جي لاءِ 123 سرڪاري آفيسرن کي ذميداريون سونپيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي 43 جڏهن ته پنجاب جي 57 آفيسرن کي ذميداري سونپي وئي اهي، سڄي ملڪ جا هاري هاڻي پي ايم پورٽل تي ڪارڊ، ڀاڻ، ٻج، پاڻي جي چوري، فصل، جنسن جي قيمتن تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا. ان کانسواءِ جيت مار دوائن ۽ ٻين 52 مسئلن جو ازالو به بروقت ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم آفيس ه??اي?? ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سان آبادگارن ۽ هارين جي آگ??هي لاءِ ضلعي سطح تي خصوصي مهم به هلائي وڃي.