xاسلام آباد – 07 ̵1; آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصا?? تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته متاثرين جي ڏک جي ان گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون، سينيٽ جي چيئرمين لاڳاپيل ادارن کي امدادي ڪارروايو?? تيز ڪرڻ ۽ زخمين کي وقت سر ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سي??يٽ?? مرزا محمد آفريدي سينيٽ ۾ قائدايوان سي??يٽ?? ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سي??يٽ?? سيد يوسف رضا گيلاني به بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصا?? تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زلزلي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته مارجي ويلن جي پوئينرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.