ڪراچي – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لا??ِ ڪوششون ڪندڙ فلاحي ادارا حقيقي طور تي رياست جي ذميواري ۾ شريڪ آهن ۽ معاشري جي سمورن لاڳاپيل طبقن تي لا??مي آهي ته اهي انهن جي فلاحي ڪم ۾ مڪمل تعاون ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار غيرمنافعو ڏيندر گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ (جي سي ٽي) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن گورنر هائوس ڪراچي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي سي ٽي زاهد سعيد ڪري رهيو هو. ان موقعي تي خطا?? ڪندي صدر چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم جي برقراري جي سطح کي بهتر بڻائڻ جي لا??ِ ثقافتي تبديلي جي ضرورت آهي. هن گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ پاران ڪيل تحقيق ۽ ترقي جي سرگرمين کي سارهايو ته جيئن وسيلن جي وڌ کان وڌ استعمال بابت شعور يپدا ڪرڻ جي لا??ِ وفاقي حڪومت ۽ سمورن وفاقي يونٽس پاران تعليم تي خرچ ڪيا ويندڙ وسيلن کي اجاگر ڪيو وڃي. تعليمي نظام ۾ ڍانچاجاتي سڌارن جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته معياري تعليم ڏين جي لا??ِ استادن جي تربيت ضروري آهي. هن چيو ته تعليم جي شعبي جي لا??ِ رکيل عوامي فنڊز انتهائي مناسب طريقي سان ۽ انتهائي مالي احتياط سان خرچ ڪيا وڃن. هن چيو ته هو تعليم جي شعبي جي لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏي ٿو ته اهي اسڪولن ۾ داخل ٻارن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي لا??ِ پاڪسدتان جي تعليمي بجيٽ جي بهترين استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ هڪ مضبوط حڪمت عملي سان اچن. گرين ڪريسنٽ ٽرسٽ جي سي اي او صدر کي تعليم جي شعبي ۾ بهتري لا??ِ مختلف تجويزن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته جي سي ٽي گذريل 27 سالن کان سنڌ جي گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ 150 کان وڌيڪ خيراتي اسڪولن جي نيٽ ورڪ جو انتظام ڪيو آهي جنهن ۾ 29000 بي سهارا خاندانن جا ٻار شامل آهن. هن چيو ته جي سي ٽي جو ويزن 2025ع سنڌ ۾ ضرورتمند خاندانن جي هڪ لک ٻارن جي لا??ِ اهڙا 250 اسڪول قائم ڪرڻ آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لا??ِ هم خيال فلاهي ادارن سان اتحاد ڪيو پيو وڃي. صدر عارف علوي جي سي ٽي جي ويزن کي ساراهيو ۽ وفد کي خاطري ڪرائي ته موجوده حڪومت اهڙي قسم جي فلاحي ڪمن جي لا??ِ معاونت فراهم ڪندي. هن تعليم سان لاڳاپيل مستقبل تي ٻڌل نقطه نظر کي اختيار ڪرڻ ۽ معذور ماڻهن کي مرڪزي ڌارا جي تعليمي نظام ۾ شامل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.