اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪس??ان ڪوريا سان واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ گهرجي.
اها ڳالهه هن ڏکڻ ڪوريا جي سفير س??ن ڳالهائيندي ڪئي جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته پاڪس??ان جا ماڻهو ڪوريا سان لاڳاپن کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ڏکڻ ڪوريا جو امن، جمهوريت ۽ خوشحالي جي رستي تي سفر قابل تحسين آهي، هن چيو ته ڪجهه ڏهاڪن جي ٿوري عرصي ۾ ڪوريا پاڻ کي ٽيڪنيڪي لحاظ کان ترقي يافته معيشت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪس??ان ڏکڻ ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي وڏي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ گڏيل تعاون جي سياسي، اقتصادي، سائنسي، دفاعي، ثقافتي ۽ ٻيا شعبا شامل آهن.
هن چيو ته افغانس??ان ۾ تازي بدلجندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪس??ان 16000 کان وڌيڪ غير ملڪي شهرين کي حفاظت سان وطن پهچايو، ڏکڻ ڪوريا جي درخواست تي پاڪس??ان 392 ڪورين رهواسين کي باحفاظت ڪابل مان ڪڍي ورتو آهي، ٻنهي اڳواڻن قومي ۽ عالمي سطح تي گڏيل مفادن جي حوالي سان گڏيل تعاون ۽ گڏيل تفهيم کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏنو، هن چيو ته پاڪس??ان ڪوريا سان پنهنجي معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، گذريل ٻن سالن ۾ ڪورين ڪمپنين پاڪس??ان ۾ پنهنجي موجودگي ۽ مارڪيٽ شيئر ۾ سراسري اضافو ڪيو آهي، پاڪس??ان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ 1.122 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده گڏيل واپار ٻنهي ملڪن جي صلاحيت کان گهڻي گهٽ آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته گڏيل واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ فعال قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، واپار جي فروغ لاءِ فري ٽريڊ ايگريمنٽ ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. 220 ملين آبادي تي مشتمل ملڪ پاڪستان، افغانس??ان ۽ وچ ايشيائي ملڪن س??ن ڳنڍيل آهي جنهن جي ڪري پاڪس??ان سڄي دنيا لاءِ سيڙپڪاري جي لحاظ کان اهم ملڪ آهي.
صادق سنجراڻي ايگزيم بئنڪ پاران اسلام آباد ۾ 88.80 ملين ڊالرز جي لاڳت سان انفارميشن ٽيڪنالاجي پارڪ جي تعمير تي ڪم شروع ڪرڻ تي ڏکڻ ڪوريا جي تعاون کي ساراهيو. ملاقات ۾ ڏکڻ ڪوريا پاران پاڪس??ان ۾ سام سنگ موبائيل مينوفيڪچرنگ يونٽ جي قيام جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صادق سنجراني چيو ته پاڪس??ان ڪوريا سان واپار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ڪوريا کي سي پيڪ منصوبن ۽ علائقائي رابطا وڌائڻ لاءِ خصوصي اقتصادي زونز ۾ به سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ گهرجي، ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ کي ويجهو آڻڻ ۽ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪس??ان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ثقافتي سطح تي به وفدن جي مٽاسٽا جي آجيان ڪري ٿو. پاڪس??ان ۾ گنڌارا تهذيب جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ ڪوريا جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.