اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته اڄ پاڪستان ۽ آسٽريليا جو مئچ ٻن وڏين ۽ مضبوط ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو آهي، وزيراعظم کي درخواست ڪئي آ??ي ته جيڪڏهن اسان فائنل ۾ پهچون ته وزيراعظم فائنل ڏسڻ ضرور وڃي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ اطلاعات وار?? وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جهڙي طريقي سان شاندار راند جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اهڙي ڪارڪردگي ت??ام گهٽ رهي آهي، آسٽريليا جي خلاف مئچ کٽي اسان کي فائنل ۾ نيوزيلينڊ سان سيڪيورٽي جو مسئلو ڀرپور طريقي سان حل ڪرڻو آهي، ان ل??ءِ اڄ جي مئچ کٽڻ ضروري آهي. هن چيو ته انشاءَ الله اسان اڄ جي مئچ ضرور ??ٽي??داسين، پوري قوم پنهنجي ٽيم سان گڏ بيٺل آهي، سمورن رانديگرن وٽ سپر اسٽار بڻجڻ جو موقعو آهي، 5 مختلف پليئرز کي مين آف مئچ جو اعزاز مليو آهي، هاڻي ڏسون ٿا ته ڇهين مئچ ۾ ڪنهن کي اهو اعزاز ملي ٿو.