اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيند?? رهنداسين، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڄ پا??ستان عا??مي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو ??هي. اها ڳالهه هن پرڏيهي وزارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. پرڏيهي اسپيشل سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت ج?? سينيئر آفيسرن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ الله تعاليٰ پا??ستان کي عا??مي سطح تي سرخرو ڪيو. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي انتهائي گهٽ وقت ۾ بهترين انتظامن کي ساراهيندي پرڏيه?? سيڪريٽري ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بهترين سفارت جي لاءِ معاشي پا??ڀرائپ تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، پا??ستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جي ذريعي ڪوششون استعمال ۾ آڻيند?? رهنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته پا??ستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي، اسان جي متحرڪ ۽ فعال پرڏيهي پاليسي جي ڪري اڄ پا??ستان عا??مي برادري جي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو ??هي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون انتهائي قابل سول سرونٽس ۽ سفيرن جي ٽيم جي سربراهي ڪري رهيو آهيان.