اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي روانگي واپار ۾ اضافي ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ماحولياتي نظام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، روانگي واپار ۾ اضافي جي ??اءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ برآمد ڪندڙن کي قومي سول ايوارڊز ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ برآمدي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان کي هڪ ماحولياتي نظام ۽ هڪ اهڙو ڪلچر تيار ڪرڻو آهي جيڪو روانگي واپار کي وڌائي ??گه?? ۽ آمدني واپار تي اسان جو دارومدار گهٽ ڪري ??گه??. هن چيو ته اسان کي اهڙن ر??انگي واپار ڪندرن جي ضرورت آهي جن کي روانگي واپار آ۾ اضافي ڪرڻ جي ڪارڪردگي جي بنياد تي قومي سول ايوارڊز سان نوازيو ويندو. وزيراعظم واپار واري وزارت کي هدايت ڪئي ته روانگي واپار ڪندڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل تيار ڪيو وڃي. هن ر??انگي واپار ۾ پائيدار اضافي جي ??اءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ??ڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ٺوس پاليسين ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم جي ??اپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هن سال هن 10 سالن جي جمود کانپوءِ روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته برآمدي هدف ۾ وڌيڪ اضافي جي ??اءِ قدم تيز ڪيا وڃن.