اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. اها ڳالهه هن هوا??ي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر (وچ اوڀر خطي) وانگ شن لي سان ڳال??ائ??ندي ڪئي جنهن وفد سميت پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس مل??قا?? ڪئي. مل??قا?? دوران ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هوا??ي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ سماجي ذميداري تحت جاري قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير هوا??ي ٽيڪنالاجي پاران پاڪستان ۾ سرڪاري آفيسرن لاءِ ٽيڪنيڪي تربيتي ڪورسز جاري ڪرڻ جي قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪورونا وبا جي دوران سماجي بندشن جي ڪري ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو، پبلڪ سيڪٽر ۾ خدمتن جي موثر انداز ۾ فراهمي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ اڻٽر آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان موجوده گهرجن کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان موثر قدم کنيا، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ سڄي ??ني?? ۾ پاڪستان جا 114 سفارتخانا ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ڪري ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي رهيا آهن، سفارتخانن ۾ قائم ڊجيٽل سينٽرز جي ڪري ڪاغذن جي آن لائين تصديق سميت ڪيترين ئي قونصلر خدمتن جي فراهمي جو سلسلو ڪاميابي سان جاري آهي. هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل ”پورٽلز“ انهي ڊجيٽلائيزيشن جي فروغ جو نتيجو آهن. هوا??ي ٽيڪنالاجيز جي نائب صدر وانگ شن لي حوصلا افزائي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. وفد ۾ هواوي پاڪستان جي سربراهه مارڪ منگ، ڊپٽي سي اي او، ووهان ۽ ڊائريڪٽر پبلڪ ريليشنز هوا??ي ٽيڪنالاجيز احمد جهانزيب ملڪ شامل هئا.