لاهور – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو آهي ته ڀارت جي ڪوشش آهي ته مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي، هندوتوا جي سوچ رکندڙ پارٽي کي وزيراعظم عمران خان بي نقاب ڪيو، 5 آگسٽ جي هڪ طرفي ڀارتي قدم کانپوءِ مودي سرڪار موقعو فراهم ڪري ڇڏيو ته ڪشمير مسئلو دنيا ۾ اڀري سامهون آيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي حوالي سان سيم??نا?? کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبي?? چيو ته ڪشميري مائرن کي سلام آهي جن پنهنجا پٽ قربان ڪيا، پاڪستان او آءِ سي ۽ هر فورم تي ڪشميرين جا مسئلا اجاگر ڪندو، جيڪو ملڪ ڪشميرين تي ظل?? تي آواز نه اٿاريندو تاريخ ان کي مودي سان گڏ تصور ڪندي. هن چيو ته ڪشمير مسئلي کي پاڪستان جي اندر ۽ ٻاهر رهندڙن ۽ سفارتخانن کي رخ تعين ڪري اڳتي کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ جي هڪ طرفي ڀارتي قدم کانپوءِ ڪشمير مسئلو دنيا ۾ اڀري سامهون آيو، عالمي ميڊيا سڄي دنيا ۾ ڀارتي هڪ طرفي قدم جي نشاندهي ڪئي، ڪشمير ۾ پيلٽ گنز جو استعمال ٿيو، بزرگن ۽ عورتن تي ظل?? ڪيو ويو، برهان واني جهڙن آزادي جي مجاهدين کي شهيد ڪيو ويو. ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظل??ن دوران گڏيل قبرن جو انڪشاف ٿيو. ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪئي وئي، جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر موجب ڏوهاري عمل آهي. ان سموري عمل سان مودي سرڪار جو ڪارو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو. هن چيو ته اسان جا احساس ڪشميرين سان گڏ آهن. اتي ٿيندڙ ظل?? جي تڪليف پاڪستان جي هر شهري کي محسوس ٿئي ٿي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني سدائين ڪشمير مسئلو اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان ڪردار ادا ڪن ٿا، اوورسيز جي ڪو??شن کي ساراهڻ گهرجي.