اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ ان کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جديد ??يڪ??الاجي جي استعمال سان اهم دستاويزن کي محفوظ ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن ??يالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاق?? ٽيڪس محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ ايف بي آر، وفاق?? ٽيڪس محتسب آفيس ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن ۽ مختلف واپاري تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو ٽيڪس ڏيندڙن ??ي سهولت، وسيلن جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، وفاق?? ٽيڪس محتسب شڪايت ڪندڙن کي گذريل سال 8.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو، وفاقي محتسب جو ادارو ڪاريوباري برادري جي لاءِ ڪاروبار ۾ آساني يدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ غيرضروير ??ير ??ان ٽيڪس ڏيندڙن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صدر چيو ته عوام ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي، بدانتظامي جي خلاف انصاف جي لاءِ ٽيڪس محتسب سان رجوع ڪري، جديد ??يڪ??الاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، بلاڪ چين ٽيڪانلاجي جي مدد سان فنڊز جي چوري، ڪرپشن ۽ رشوت خوري کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو، جديد آءِ ٽي لوازمات جي مدد سان ٽيڪس ڏيندرن کي جلد ريليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مسئلن جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطي جي ضرورت آهي، ٽيڪس ادارن، وفاقي محتسب جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا ٽيڪس ڏيندڙن ??ي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا. صدر چيو ته وفاق?? ٽيڪس محتسب جي خدمتن ۽ ڪارڪردگي بابت ماڻهن کي آگاهي ڏين جي ضرورت آهي، ٽيڪس ڏيندڙن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪس محتسب جي دائري کي سڄي ملڪ ۾ توسيع ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جديد ??يڪ??الاجي سان اهم دستاويزن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، ??يڪ??الاجي سان ڪيترن ئي ڏوهن جي جاچ ۾ مدد ملي وڃي ٿي. صدر چيو ته جديد ??يڪ??الاجي کي اختيار ڪري بدعنواني کي ختم ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ڪيترن ئي ڏوهن جي جاچ ۾ ??يڪ??الاجي سان مدد ملي ٿي، جلدي جي فيصلن سان انصاف جو اصول متاثر ٿئي ٿو جڏهن ته غيرضروري دير ??ه ڪجهه وقتن تيڪرپشن جي زمري ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ 25، 30 لک ٽيڪس فائيلرز آهن جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) عوامي آگاهي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. وفاق?? ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه پڻ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪيو. هن چيو ته ٽيڪس محتسب ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي ۽ بدانتظامين جي خلاف عوام کي ريليف فراهم ڪري رهيو آهي، عوام کي جلد انصاف جي فراهمي لاءِ جديد ??يڪ??الاجي کي استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گذريل 5 سالن ۾ ٽيڪس محتسب 27 ارب رپيا ريفنڊ ڪرايا آهن. صدر سيمينار ۾ وفاق?? ٽيڪس محتسب ويب پورٽل جو پڻ افتتاح ڪيو.