اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان جو جلسو عوام جو جلسو آهي، عمران ??ان پاڪستان جو محسن آهي، جنهن ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي جو بنياد ر??يو، پاڪستان جي عوام عمران ??ان جي جلسي جي لاءِ گهرن مان نڪري. اها ڳالهه هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي امر بالمعروف جلسي جي حوالي سان پنهنجي خصوصي وڊيو پيغام ۾ چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ پاڪستان بابت چيو ويندو هو ته هتي پئسي سان هر ڪنهن کي خريد ڪري سگهجي ٿو، اڄ اهو پاڪستان عمران ??ان جي ڪري ڪنڌ کڻي بيٺل آهي. هن چيو ته بهادر قوم کي بهادر ليڊر جي ضرورت هوندي آهي، عمران ??ان اهو ليڊر آهي جيڪو ڪڏهن عوام جو ڪنڌ جهڪڻ نه ڏيندو. چوڌري فواد حسين چيو ته عمران ??ان پاڪستان جي معيشت ۽ انڊسٽري ک?? پنهنجي پيرن تي بيهاريو. هن پاڪستان جي عوام بشمول عورتن، ٻارن ۽ جوانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي پريڊ گرائونڊ ??سلام آباد پهچن ۽ وزيراعظم عمران ??ان جو امر بالمعروف جلسي ک?? تاريخي خطاب ٻڌن.