اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن موجب ملاقات ۾ مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شري رحمان موجود هيون. پرڏيهي وزير خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي سندس دور انديش قيادت ۾ سعودي عرب کي ترقي جي نئين بلندين کي حاصل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن گذريل مهيني جده ۾ ٿيندڙ پنهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه جو زڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان حصيداري کي گ??يل فائدي لاءِ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن جو جائزو ورتو ۽ گ??يل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي ڪسوٽي تي پورا لٿا آهن، هن سعودي عرب جي ??اڪ??تان جي مسلسل حمايت ۽ ڪشمير ڪاز تي ان جي مستقل يڪجهتي کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن سعودي عرب – ??اڪ??تان لاڳاپن جي تزويراتي اهميت ۽ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ گ??يل تعاون کي ??ڌي?? سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي مسئلن تي ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ نظريات جي هڪجهڙائي جو ذڪر ڪندي او آءِ سي پليٽ فارم سميت اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي کي ب??تر بڻائڻ لاءِ گ??يل طور تي رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو.