اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته گوادر جي م??ڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک سان ويهنداسين، گهريلو صارفين کي سولر پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي م??ڻهن کي تحفو هوندو، ان حوالي سان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل شروع ڪيو وڃي، منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير ڪنه?? به صورت ۾ قبول نه آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ بلوچستان ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائين تي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي، اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، انجنيئر خرم دستگير، ايف ڊبليو او جو ڊي جي ميجر جنرل ڪمال اظفر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ جيواڻي، گوادر، پسني، اورماڙا، پنجگور ۽ ايران جي وچ ۾ بجلي جي ٽرانسميشن لائيز جي تعمير تي تفصيلي بريف??گ ڏني وئي، بريفنگ ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽرانسميشن لائينز جي حوالي سان ننڍي م??ي ۽ ڊگهي م??ي وارن منصوبن کي جاري ڪيو پيو وڃي، 6 مهينن اندر گوادر کي ايران کان وڌيڪ سئو ميگاواٽ بجلي فراهم ڪري سگهندي، ان سان بجلي جي م??موعي فراهمي 260 ميگاواٽ جڏهن ته کپت 236 ميگاواٽ هوندي، وڌيڪ اهو ته خضدار، پنجگور ٽرانسميشن لائيز جي ڊسمبر 2022ع ۾ پڄاڻي کانپوءِ 90 ميگاواٽ جو سسٽم ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ ان منصوبي تي به ڪم تيزي سان جاري آهي، ان کانسواءِ حب، اورماڙا ٽرانسميشن لائيز جي فزيبلٽي تياري جي م??حلن ۾ آهي، ان ٽرانسميشن لائين جي پڄاڻي کانپوءِ وڌيڪ 200 ميگاواٽ سسٽم کي فراهم ڪئي ويندي، ان موقعي تي وزيراعظم منصوبن ۾ شفافيت آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته گهريلو صارفين کي سولر پينلز جي فراهمي وفاقي حڪومت جو گوادر جي م??ڻهن کي تحفو هوندو، ان حوالي سان 10 ڏينهن اندر لائحه عمل پيش ڪيو وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته گوادر ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ فوري طور تي آف گرڊ نظام جو به جامع لائحه عمل جوڙيو وڃي. گوادر ۾ آف شور ۽ آف شور ونڊ پاور منصوبن لاءِ به هڪ ??ڪم?? عملي جوڙي وڃي، ڏکڻ بلوچستان ۾ ٽرانسميشن لائيز جي ڪم ۾ تيزي آڻي ان کي هلندڙ سال ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو وڃي، وزيراعظم چيو ته منصوبن جي پڄاڻي ۾ دير قبول نه آهي، لاڳاپيل کاتا يقيني بڻائين ته ڊگهي م??ي وارن منصوبن ۾ وقت ۽ لاڳت ۾ جيترو ٿي سگهي ٿي گهٽتائي آندي وڃي، حڪومت جي ذميداري هوندي آهي ته هو عوام جي پئسي جي بچت ڪري ۽ ان جو صحيح استعمال يقيني بڻائي. گوادر بندرگاهه کي دنيا جي جديد ترين بندرگاهه بڻائڻ لاءِ بنا دير جي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، گوادر جي م??ڻهن کي بنيادي سهولتن جي فراهمي تائين سک سان نه ويهنداسين.