اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهبا?? شريف چيو آهي ته اقتصادي حڪومت سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، چين پاڪستان اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي، چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي خاص طور تي شمسي توانائي جي وسيع امڪانن ۾ سيڙپڪاري ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني سيڙپڪاري ڪمپني ن??ري??ڪو جي اعليٰ اختياري وفد وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت ن??ري??ڪو انٽرنيشنل جي نائب صدر وانگ شيائوبنگ ۽ ن??ري??ڪو انٽرنيشنل (پاڪستان) جي سي اي او لي ڪنگ ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيد نويد قمر، چوڌري سالڪ حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جو خصوصي معاون سيد طارق فاطمي، محمد جهانزيب خان، ظفرالدين محمود ۽ لاڳاپيل وزارتن جا عملدار به موجود هئا. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهبا?? شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي تعاون کي سگهه ڏيڻ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ اهم آهي، پاڪ اقتصادي اقتصادي لنگهه منصوبو سي پيڪ ٻنهي دوست ملڪن جي گڏيل فائدي ۽ ترقي جي لاءِ تبديلي جي منصوبي طور اهم منصوبو آهي. هن چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي خاص طور تي شمسي توانائي جي وسيع امڪانن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ??اهور ا??ري??ج لائين ميٽرو ٽرين منصوبي ۾ ڪمپني جي ڪردار کي به ساراهيو جيڪا لاهور ۾ روزانو جي بنياد تي لکين مسافرن کي سهولت فراهم ڪري رهي آهي. هن ياد ڏياريو ته ائين پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته جي ٽو جي پراجيڪٽ يعني لاهور ا??ري??ج لائين کليل ٻولي لڳائي وئي. هن چيو ته سڀ کان گهٽ ٻولي ڏيندڙ ڪمپني سان وڌيڪ ڳالهين جي نتيجي ۾ 600 ملين آمريڪي ڊالرز جي بچت ٿي. اهو يقينن پاڪستان جي ترقي جي تار??خ ۾ هڪ سنگ ميل آهي. وفد پاڪستان کي موجوده معاشي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ وزيراعظم شهبا?? شريف جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته وزيراعظم شهبا?? شريف چين جو عظيم دوست آهي، جنهن جي ڪاروبار دوست پاليسين اقتصادي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ۽ ملڪ ۾ سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري کي آسان بڻايو آهي. ن??ري??ڪو جي وفد پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن جي وسيع موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. ڪمپني خاص طور تي ٺٽي ۾ ونڊ ڪوريڊور جنهن تحت 100 ميگاواٽ جو ونڊ پاور پراجيڪٽ تجويز ڪيو هو ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي، ان سان گڏوگڏ ريلوي لائين سان گڏ فائبر آپٽڪ ۾ سيڙپڪاري، ٽامي ۽ لوهه جي کاڻين ۽ ملڪ جي وڌندڙ شهرن ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا شامل هئا جن جي ڪمپني سيڙپڪاري جي امڪاني جاين جي نشاندهي ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ سازگار آهي ۽ ان جي حڪومت سيڙپڪارن جي وڌيڪ سهولتن لاءِ سڀني رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم ??ي ڪي ڪيانگ پاران پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت خاص طور تي پاڪستان جي موجوده معاشي صورتحال تي مدد تي ٿورا مڃيا.