اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن پاران پاڪستان جي ٻوڏ م??اث??ين سان همدردي ۽ تعاون جي پيغام تي ٿورا مڃيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان مصيبت ۾ گهيريل م??ڻه?? جي مدد لاءِ پنهنجي دو??تن جا منتظر آهيون.