اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڪالعدم تنظيم پاران ملڪ ۾ ٻوڏ بابت امدادي ڪمن بابت هڪ ڀارتي خابرو اداري پاران پنهنجي خبر ۾ هنيل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته اهو رڳو پاڪستان جي خلاف ڀارتي تعصب ۽ عالمي سطح تي ماڻهن کي گمراهه ??رڻ جي ڀارت جي مسلسل ڪوششن جو حصو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ائين پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ته ??ارتي ميڊيا سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بي بنياد ۽ ههٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙڻ جو مظاهرو ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اها بدقسم??ي آهي ته عالمي برادري هڪ غيرمعمولي قدر??ي آفت جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪري رهي آهي جڏهن ته ??ارتي ميڊيا جا ڪجهه عنصر امدادي سرگرمين تي شڪ ۽ شبها پ??دا ??رڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان غيرمنافعو ڏيندڙ ۽ غيرسرڪاري تنظيمن پاران ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين جي نگراني جي لاءِ مضبوط، ريگيوليٽري ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙيو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ چوڪس آهن ته امدادي سرگرمين جي آڙ ۾ ڪا غيرقانوني سرگرمي نه ٿئي.