اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي کي اهم خطاب ڪندو، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستا?? کي درپيش چئلينج کي عالمي فورم تي اجاگر ڪري ماحولياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ خطري کي گڏيل طور تي منهن ??يڻ جي لاءِ ٺوس تجويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف ان موقعي تي عالمي اڳواڻ?? کي ڪشمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي جي اجل??س جي موقعي تي وزيراعظم آفريقي يونين، يورپي يونين ۽ آمريڪا پاران گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ غذائي تحفظ تي عالمي سربراهه اجلاس ۽ ڪوپ 27 تي عالمي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت پڻ ڪندو. اهي ٻئي اجلاس عالمي برادري کي درپيش ٻن اهم ترين چئلينج?? کي منهن ??يڻ جي لاءِ موثر قدمن تي غور فڪر جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ مختلف ملڪن جي وزيراعظمن، جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل کانسواءِ عالمي تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن ۽ فلاحي تنظي??ن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل آجياڻي دوران عالمي اڳواڻ?? کي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪندو، هو ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ جي 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي جي سالياني اجلاسن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.