اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته اسٽريٽ چلڊرن ۽ 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي باقاعده تعليم جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ انهن کي قيمتي انساني وسيلن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ا??ڊر 16 اسٽريٽ چلڊرن جي ٽيم ۽ مسلم هينڊز جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. اها ٽيم اسٽريٽ چلڊرن ورلڊ ڪپ قطر 2022ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. صدر مسلم هينڊز پاران بي سهارا ٻارن جي مدد، انهن کي صحتمند ۽ تعميري سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ، مناسب تربيت، تعليم، سماجي ۽ مواصلاتي مهارتن ۽ اعتماد سان گڏوگڏ فٽ بال ٽورنامينٽس ۾ عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جهڙن قدمن کي ساراهيو. هن ٽيم جي ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ??ه اهڙا قدم هاڪي ۽ ڪٻڊي جهڙين ٻين را??دين جي فروغ لاءِ پڻ کڻڻ گهرجن. صدر چيو ??ه جيتوڻيڪ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي پر پٺتي پيل ٻارن کي صحتمند سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه غير مراعت يافته ٻارن کي تعليم، تربيت ۽ ضروري هنر جي ذريعي سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي پوري صلاحيت جو ادراڪ ڪري سگهن. صدر پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ چلڊرن کي را??دين جي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن جي ڪردارسازي ۽ اعتمادسازي سان گڏوگڏ تربيت جي ذريعي انهن کي عالمي معيار جا را??ديگر بڻجڻ ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ??ه پاڪستان را??دين سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي ۽ فٽ بال جي را??د به ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هڪ جهڙي مقبول آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته را??دين جو فروغ اسان جي نوجوانن کي ذهني دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۽ صحتمند زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ??ه ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. انهن کي جديد ترين آءِ ٽي ٽولز ۽ تربيت سان ليس هجڻ گهرجي ته جيئن اهي ملڪ جا ڪارائتا شهري بڻجي سگهن. صدر پاڪستان فٽ بال فيڊريشن تي پڻ زور ڏنو ته اها ننڍن ننڍن اختلافن کي هڪ طرف رکندي را??د جي ترقي تي ڌيان ڏي. ان کان اڳ مسلم هينڊز برطانيا جي ڊائريڪٽر راجا ارسلان نصرت صدر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ??ه سڄي ملڪ ۾ 15 کان وڌيڪ ڪميونٽيز ۾ 1000 کان وڌيڪ ٻار ”ٻارن جو را??د جو حق“ جي نعري تحت را??دين جي سرگرمين ۾ شريڪ آهن. هن ٻڌايو ??ه اسٽريٽ چلڊرن تي ٻڌل فٽ بال ٽيم قطر ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندي. ان موقعي تي صدر ق??مي جهنڊو پڻ ٽيم جي ڪپتان کي ڏنو.