اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دا??ت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪابينا جي اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم شهباز شريف سمورن وفاق?? وزيرن جا پنهنجي بيماري دوران عيادت، نيڪ خواهشن ۽ صحتيابي لاءِ دعائن تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ناڻي ??ار?? وفاق?? وزير، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ??ار?? وزير، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن، موسمياتي تبديلين ??ار?? وزير، مواصلات ??ار?? وزير، توانائي ??ار?? وزير، اين ڊي ايم اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن کي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثرين جي لاءِ ريليف ۽ بحالي جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ ۾ نقصانن کي عالمي فورم ڪوپ 27 ۾ ڪاميابي سان اجاگر ڪرڻ تي پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ??ار?? وفاق?? وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلين ??ار?? وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي خاص طور تي ساراهيو. وزيراعظم پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي عالمي برادري پاران نقصانن ازالي لاءِ مدد جي خاطري ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن خطرن ۾ ورتل ملڪن جي لاءِ لاس اينڊ ڊيميجز فنڊ قائم ڪرڻ کي پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي وڏي فتح قرار ڏنو. ڪابينا وزيراعظم جي سيڪريٽري سيد توقير شاهه جي والده جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي. ان کانسواءِ ڪابينا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي مغفرت لاءِ دعا به ڪئي.