اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ضرورتن ۽ معذورين کي نظر ۾ رکندي انهن جي لاءِ نوڪريون پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ??صوصي ماڻهن کي پنهنجي روزاني جن سرگرميون سرانجام ڏيڻ جي قابل بڻائڻ گهرجي ۽ معاسرتي شموليت جي راهه ۾ ايندڙ سماجي، اقتصادي ۽ ڍانچاجاتي رڪاوٽن کي ختم ڪري انهن کي برابر جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جا م??قع?? فراهم ڪيا وڃن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز، ڪيٽي، سائٽ ۽ ڪورنگي ايسوسيئيشنز جهڙن ڪاروباري تنظيمن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ انهن جي مختلف مقرر لاڳاپيل ڌرين خاص طور تي ڪاروباري برادري جي ذميواري بابت معاشري ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ??ه سماجي ۽ اقصادي سرگرمين جي مرڪزي ڌارا ۾ پٺتي ??يل ڪميونٽيز خاص طور تي ??عذوري ماڻهن جي شموليت کي يقيني بڻائي پاڪستان جي معاشري کي جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر واپاري برادري تي زور ڏنو ته ??ها خصوصي ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل خاص طور تي ڪاروباري مرڪزن، صنعتي علائقان، مالياتي ??رڪزن، بئنڪن، واپاري علائقن ۽ بازارن ۾ وهيل چيئر فرينڊلي ريمپ ٺاهي انهن جي چرپر ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته ??صوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين جي 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد ۽ ڪم جي جاين تي انهن جي لاءِ دوستاڻو ۽ سازگار ماحول يقيني بڻايو وڃي. صدر عارف علوي معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ انهن سان باعزت سلوڪ ڪرڻ ۽ همدردي سان پيش اچڻ جي ضرورت تي ??ڻ روشني وڌي. هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته ??هي اڳتي اچن ۽ ان نيڪ مقصد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته ??صوصي ماڻهن کي هنر ۽ ضروري تربيت فراهم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ته ??يئن اهي پاڻڀرا ۽ مالي طور تي خودمختيار بڻجي سگهن. خاون اول بيگم ثمينه علوي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي خصوصي ماڻهن جي حقن ۽ سهولتن جي حوالي سان آگاهي مهم بابت آگاهه ڪيو.