اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر جي ??رقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ اسلام آباد جي هائوسنگ جي ??عبي ۾ سيڙپڪاري جي ??وا??ي سان هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي ??لاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه، ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ??ملدارن ان ??وا??ي سان وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي پاڪستانين جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر جي ??يئل اسٽيٽ جي ??عبي ۾ اهڙيون هائوسنگ سوسائٽيز ۽ رهائشي عمارتون تعمير ڪيون وڃن جيڪي جديد سهولتن سان ليس هجن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن هائوسنگ يونٽس جي ??عمير ۾ تجربيڪار ۽ سٺي شهرت رکندڙ ماهرن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جا اهي منصوبا ج?? ۾ ??يڙپڪاري جي ??وا??ي سان صلاحيت آهي، جي مناسب مارڪيٽنگ ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي ??رقياتي منصوبن ۾ معيار تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ مڪمل ڪيو وڃي.