??سل??م آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ارونگزيب ??سل??م آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته صحافت ۾ ڪورٽ رپورٽرز جو ڪردار تمام اهم آهي. پنهنجي بيان ۾ هن رضوان قاضي کي صدر، حسين احمد چوڌري کي جنرل سيڪريٽري، فرح مه جبين کي سينيئر نائب صدر، عمران منصب ??ان کي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري، رياض ملڪ کي فنانس سيڪريٽري، بشارت راجا کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ امبرين علي کي پريس سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏ??ي. ??طلاعات واري وفاقي وزير گورننگ باڊي جي ميمبرن کي پڻ مبارڪباد ڏ??ي. ??ن موقعي تي هن چيو ته نئين عهديدارن جي چونڊ صحافين جي انهن تي اعتماد جو اظهار آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان چونڊيل عهديدار پنهنجي ساٿي رپورٽرز جي اميدن تي پورو لهندا.