اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ يونان جي وچ ۾ واپار کي حقيقي صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ۽ يونان جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي فروغ سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان ۾ پاڪستان جي نامزد سفير محمد عامر آفتاب قريشي سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته نامزد سفير پاڪستان ۽ يونان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ ڪم ڪري، پاڪ يونان واپار کي حقيقي صلاحيت تائين وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته روايتي شعبن کانسو??ءِ تعاون جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۽ يونان جي چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي فروغ سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته نامزد سفير يونان جي بهترين سياحتي طريقن کي مثال بڻائي، نامزد سفير يونان ۽ پاڪستان جي سياحتي صنعتن جي وچ ۾ رابطو پيدا ڪرڻ جي ڪ??شش ڪري. صدر چيو ته يونان ۾ پاڪستان جو سفير پاڪستاني ڪ??يونٽي سان مستقل رابطو رکي، ڪونسلر خدمتن جي سلسلي ۾ انهن جا مسئلا حل ڪري، نامزد سفير پاڪستان ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ آفيس سان ويجهو رابطو پيدا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ترقي يافته ملڪ گهٽ ترقي يافته ملڪن سان غيررسمي اميگريشن روڪڻ جي ل??ءِ اربين ڊالر خرچ ڪري رهيا آهن، هجرت ۽ لڏپلاڻ تي پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ڊائيلاگ سان يورپي يونين جي ملڪن ۾ قانوني هجرت جون نيون راهون کلنديون. صدر چيو ته پاڪستان جي مهمان نوازي کي فروغ ڏئي يونان ۾ پاڪستان بابت تاثر بهتر بڻائڻ جي ڪ??شش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته بيگناهه ڪشميرين کي ڀارتي قابض فوج جي هٿان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، ڀارت ۾ ??قل??تن کي هندو اڪثريتي آبادي پاران مسلسل ظلم ۽ ڏاڍ درپيش آهي، ڀارتي ??قل??تن جي جان ۽ مال کي خطرو آهي ۽ عزت ۽ آبرو کي پائمال ڪيو پيو وڃي. صدر نامزد سفير کي يونان ۾ سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني.