اسلام آ??اد – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف چ??و آهي ته گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان کي 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض ۾ ريليف ۽ اضافي هڪ ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي فيصلي سان اسان کي معاشي مشڪلاتن مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو ته اسان گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد ??ن زايد النهيان جا پاڪستان کي 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض ۾ ريليف ۽ اضافي هڪ ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي فيصلي تي دل سان ٿورا مڃون ٿ?? اهو تعاون اسان کي معاشي مشڪلاتن مان نڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته اسان پنهنجي اماراتي ڀائرن ۽ ڀينرن جي حسن سلوڪ کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهيون.