اسلام آباد– 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي سان ??هد?? ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري سردار احمد نواز سکيرا ۽ صدر جي پريس سيڪريٽري قمر بشير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران صدر ??هد?? ڇڏيندڙ ڪابينا سيڪريٽري جي پاڪستان حڪومت جي خدمتن کي ساراهيندي انهن جي مستقبل جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ??هد?? ڇڏيندڙ صدر جي پريس سيڪريٽري جي حيثيت قمر بشير جي خدمتن کي پڻ ساراهيو ۽ کيس اعزازي شيلڊ پيس ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب سردار احمد نواز سکيرا پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو هڪ آفيسر آهي جنهن 1985ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي. 16 اپريل 2020ع تي ڪيبنيٽ سيڪريٽري طور فرض سنڀالڻ کان اڳ هو واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري سيڪريٽري، اطلاعات ۽ نشريات، بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ نجڪاري جي ??هد?? تي مقرر رهيو. پاڪستان حڪومت احمد نواز سکيرا جي خدمتن جو اعتراف ڪندي کيس 14 آگسٽ 2022ع تي عوامي خدمت جي شعبي ۾ ”هلال امتياز“ جي قومي اعزاز سان نوازيو. قمر بشير انفارم??شن گروپ جو آفيسر آهي جنهن 1991ع ۾ سول سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. مئي 2022ع ۾ پريس سيڪريٽري طور فرض سنڀالڻ کان اڳ هو شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪارپور??شن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، اطلاعات واري وزارت ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پير??، فرانس ۾ پاڪستان جي پريس قونصلر جي ??هد?? تي فائز رهيو.