اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته حڪومت پاڪستاني نوجوانن کي روزگار جي لاءِ قرضن جي وقت سر فراهمي يقين?? بڻائي رهي آهي، تازو ئي حڪومت پاران يوٿ لون اسڪيم جاري ڪرڻ سان ملڪ ۾ لکين باصلاحيت نوجوا?? فائدو کڻي رهيا آهن، اخوت جي ملڪ ۾ بنا وياج قرضن جي فراهمي کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظ??ار هن اخوت جي باني امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ڪاله?? اربع ڏينهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امجد ثاقب وزيراعظم کي يوٿ پروگرام ۾ نوجوانن کي روزگار جي لاءِ آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم کي اخوت پاران ٻوڏ سٽيلن کي بنا وياج قرضن جي فراهمي جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو.