اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي ??زي?? مريم اورنگزيب ناليوار?? ا??اڪار، هدايتڪار ۽ ميزبان ضياءَ محي الدين جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ضيآءَ محي الدين هڪ اهڙو ادبي شخصيت هو جنهن جي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي انداز کي عالمي شهرت نصيب ٿي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ضيآءَ محي الدين پاڪستان کان ٻاهر وڃي به ٿيٽر ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. هن پاڪستان ٽيليويزن تا?? ”پائل“، ”چچا ڇڪن“، ”ضياءَ سان گڏ“ ۽ ”جو جاني وه جيتي“ جهڙا مشهور پروگرام پيش ڪيا. اطلاعات و??ري وفاقي ??زي?? چيو ته پنهنجي خوبصورت آواز ?? اردو ادب جا فن پارا پيش ڪري ضياءَ محي الدين وڏو نالو ڪمايو. مرحوم جي شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن ضياءَ محي الدين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.