اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، ورڪنگ جرنلسٽ جي سيفٽي، ٽريننگ سميت انهن جا درپيش مسئلا حل ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل مري پريس ڪلب جي وفد سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صح??فين جي گروپ انشورنس جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. ان کان اڳ صح??فين جي پگهارن جي ??دا??يگي جي حوالي سان اهم ترميمون آنديون پيون وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير مري پريس ڪلب جي وفد جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا. ان موقعي تي هن چيو ته صح??فين جي مسئلن کان آگاهه آهيون، ان جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. ملاقات ۾ مري جي سياحتي اهميت پريس ڪلب ۽ صح??فين جي درپيش مسئلن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفد ۾ مري پريس ڪلب جي صدر عبدالحميد عباسي، چيئرمين شفقت عباسي، جنرل سيڪريٽري ياسر عباسي ۽ سينيئر ميمبر اويس الحق ۽ ابوذر عباسي شامل هئا.