لاهور – 03 – مارچ (اي پ?? پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن پيپلزپارٽي جي باني ميم??ر حبيب الرحمان عرف ماني پ??لوان جي تعزيت لاءِ لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو سندس گهر پهتو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرحوم ماني پ??لوان جي ڌيئرن ۽ پٽن عمران ڊار، ڪامران ڊار ۽ عامر ڊار سان سندن والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. هن مرحوم ماني پ??لوان جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي مرحوم جي پ??ن س??ن ڳالهائيندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مرحوم ماني پ??لوان جمهوريت جي بقاءَ ۽ استحڪام جي لاءِ قيد جون صعوبتون برداشت ڪيون ۽ تشدد کي منهن ڏنو، ماني پ??لوان هڪ مثالي سياسي ڪارڪن هو، سندس ڀٽوازم سان وابستگي وسارڻ جوڳي نه هئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جيالي ماني پ??لوان جي قربانين ۽ سياسي خدمتن کي سدائين ياد رکندي.