اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بريگيڊيئر ??صطفي برڪي ۽ ٻين سپاهين جي شهادت تي گهڻو ڏک ٿيو آهي. اسان جي بهادر سپوتن ملڪ دشمن قوتن سان پنهنجي ملڪ جي تحفظ ج?? لاءِ پنهنجي جاني?? جو نذرانو پيش ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلايو ويندو. ڇاڪاڻ جو اها پاڪستان جي تصور جي خلاف آهي. وزيراعظم ڏکايل خاندانن سان تعزيت ڪئي آهي.