اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) ملائيشيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر آمنه بلوچ کي بيلجيئم، لڪمسبرگ ۽ يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير مقرر ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه ??رڏ??هي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. آمنه بلوچ فارن سروس جي سينيئر آفيسر آهي ۽ وسيع سفارتي تجربو رکي ٿي. هو ڊينمارڪ، سريلنڪا، چين ۽ ملائيشيا ۾ پاڪستاني مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آ??ي. پنهنجي موجوده ذميواري کان اڳ هن چين جي شهر چينگڊو ۾ قونصل جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ??رڏ??هي آ??يس جي ترجمان چيو ته اميد آهي ته آمنه بلوچ جلد نيون ذميواريون س??ڀاليندي.