اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پا??ستان امن جو خواهشمند آهي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورز??ون ڪري رهيو آهي، عالمي معاشي بحران سان پا??ستاني عوام کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي اي ايف اڪيڊمي اصغر خان رسالپور ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس ۽ انهن جي والدين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پا?? فضائيه جي اڪيڊمي ۾ اعليٰ معيار ۽ ڊسيپلين ڏسي خوشي ٿي آهي. پاس آئوٽ ٿيندڙ ڪيڊٽس مستقبل جو اثاثو آهن، انهن ڪيڊٽس کي ڪاميابي، انهن جي مسلسل محنت ۽ اڻٿڪ عزم جي ڪري ملي آهي. پا?? فضائيه ڪنهن به چئلينج ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو. پا?? فضائيه سڄي دنيا ۾ بي مثال مهارت رکندڙ آهي. هن چيو ته پا?? فضائيه فيبروري 2019ع ۾ ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو. گذريل ٻن ڏهاڪن دوران قوم دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ شدت پسندي درپيش هئي. پا?? فضائيه سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ا??ار?? ان ناسور جو بهادري سان مقابلو ڪيو، سڄي قوم پا??ستاني فوج جي پـٺيان بيٺل آهي، اميد آهي ته هٿياربند فوج سدائين قوم جي خواهشن تي پورو لهندي. هن چيو ته دنيا کي موسمياتي تبديلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. پا??ستان کي معاشي مسئلا درپيش آهن، معيشت کي صحيح راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ ميثاق معيشت چاه??ون ٿا. عالمي معاشي بحران سان پا??ستاني عوام کي متاثر ٿيڻ نه ڏينداسين، جلد ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي وينديون، الله تعاليٰ ملڪ جي ترقي لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته پا??ستان پرامن ملڪ آهي، جيتوڻيڪ اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي کليل خلاف ورز??ون ڪري رهيو آهي. آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي کليل جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. ڪشميرين جو پراڻو تڪرار ڪشميري عوام جي خواهش ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ڇو ته ان تڪرار کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن نه آهي. وزيراعظم چيو ته سڀني ملڪن خاص طور تي پا??يسري ملڪن سان ٻطرفن دوستاڻن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. خطي ۾ امن جي لاءِ پا??يسري ملڪن سان گڏجي ڪوششون جاري رکنداسين. هن چيو ته بهترين، منظم ۽ پيشيور پا?? فضائيه جي سربراهي تي پا?? فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ان موقعي تي وزيراعظم پاس ٿيندڙ ڪيڊٽس کي بيج لڳايا. هن گارڊ آف آرنر جو معائنو به ڪيو. تقريب ۾ دف??ع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پا?? فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عمل??ار?? شرڪت ڪئي.