اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم ۽ غريب ۽ وچولي طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، پينشن ريفارمز کي جلد کان جل?? حتمي شڪل ڏني وڃي، تخليقي طريقيڪار اختيار ڪندي پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي، اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي جڏهن ته وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ وفاقي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ 9 جون 2023ع تي پيش ڪئي ويندي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ جي تياري جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ معاشي ٽيم پاران وزير??عظ?? کي بجيٽ جي تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته آمدني ۽ اوڳاڙين جي حوالي سان هن سال جي نظرثاني ٿيل ۽ ايندڙ سال جي ٽارگيٽيڊ ڪاٿي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته عام ماڻهو جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. وزير??عظ?? هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته وچولي ۽ غريب طبقي جي مالي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. وزير??عظ?? اطمينان جو اظهار ڪيو ته حڪومت جي وقت سر حڪمت عملي سان يوريا ڀاڻ جون قيمتون مسلسل گهٽ ٿي ر??يو?? آهن جنهن سان نه رڳو آبادگار خ??شح??ل ٿيندو پر ملڪ زرعي جنسن ۾ پاڻڀرائپ طرف وڌندو. وزير??عظ?? ان ڳالهه تي پڻ خوشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين جي ڪري گذريل ٻن مهينن ۾ ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪيو ويو. ان کانسواءِ وزير??عظ?? پينشن ريفارمز کي جلد کان جل?? حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تخليقي طريقيڪار اختيار ڪندي هڪ پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي ته جيئن قومي خزاني تي بار گهٽ ڪري سگهجي ۽ پينشنرز جي بهترين ڀلائي کي ممڪن بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته اوڳاڙيون وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ وفاقي ڪابينا کان منظوري کانپوءِ 9 جون 2023ع تي پيش ڪئي ويندي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستاني معيشت مالياتي استحڪام طرف گامزن آهي ۽ مالياتي خساري ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزير??عظ?? جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزير??عظ?? خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، ملڪ احمد خان، طارق پاشا، طارق باجوه، عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبرن قيصر احمد شيخ، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.