مظفر آباد – 22 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپل??پا??ٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اعزاز ۾ قانونساز اسيمبلي ميمبر چوڌري قاسم مجيد پاران آجياڻو ڏنو ويو. آجيا??ي ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق، ??ڳوڻي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان، پيپل??پا??ٽي آزاد ڪشمير جي صدر چوڌري ياسين، (ن) ليگ جي صدر شاهه غلام قادر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري لطيف اڪبر، سينيئر موسٽ وزير ڪرنل (ر) وقار احمد نور، وزير حڪومت فيصل ممتاز راٺور، پاڪستان پيپل??پا??ٽي جي قانونساز اسيمبلي ميمبرن کانسواءِ مسلم ليگ (ن) ۽ فارورڊ بلاڪ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سميت قانونساز اسيمبلي جي ميمبرن والاريل واديءَ ۾ جي – 20 ??جل??س تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان مڪمل اتفاق ڪيو.