اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻ??ن جي مالي خودمختياري جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبي ۾ نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻ??ن جي ڪوٽا کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اه??ن خيالن جو اظهار صدر معذوري جي درجابندي جي فريم ورڪ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت ۽ پاڪستان حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان جي اٽڪل 12 کان 14 سيڪڙو آبادي ڪنهن ڪنهن قسم جي معذوري جو شڪار آهي، خصوصي ماڻ??ن جي خودمختياري جي لاءِ روزگار فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته خصوصي ماڻ??ن جي ڪوٽا کي ان جي اصل روح موجب لاڳو ڪرڻ گهرجي، بئنڪ، ڪاروباري ادارا ۽ نجي شعبو خصوصي ماڻ??ن کي نوڪريون ڏي. صدر چيو ته خصوصي ماڻ??ن کي هنر ۽ معذوري جي نوع??ت موجب نوڪريون ڏنيون وڃن، پاڪستان ۾ خصوصي ماڻ??ن کي هنر تي ٻڌل تعليم فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خصوصي ماڻ??ن کي قابل قدر هنر جي فراهمي ??ي لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ويجهو رابطو پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، تربيتي ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن کي خصوصي ماڻ??ن جي تربيت لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن، خصوصي ماڻ??ن کي مناسب نوڪرين جي فراهمي ??ي لاءِ نجي شعبي جي ممڪن آجرن سان ملائڻ گهرجي. صدر فوري، آسان ۽ پريشاني کان پاڪ انداز ۾ معذوري سرٽيفڪيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سرٽيفڪيٽ سان خصوصي ماڻ??ن کي مختلف حڪومتي اسڪيمن ۽ سهولتن مان فائدو کڻڻ ۾ مدد ملندي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي عملدارن پاران خصوصي ماڻهن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي وزارتن ۾ معذوري ڪوٽا تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، خصوصي ماڻ??ن جي ڪوٽا تي سرڪاري شعبي ۾ عمل ڪيو پيو وڃي. صدر چيو ته نجي شعبي ۾ ڪوٽا تي وڌيڪ عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن، خصوصي ماڻ??ن کي ان??ن جي معذوري ۽ آجرن جي ضرورتن موجب هنر فراهم ڪرڻ جي پروگرام تي ڪم ڪيو پيو وڃي.