اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيل?? ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيل?? ليبر کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ٻارن جي پورهئي (چائيل?? ليبر) جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن چائيل?? ليبر جي خاتمي ۽ ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي، ٻارن کان پورهيو عالمي سطح تي درپيش هڪ وڏو چئلينج آهي، گڏيل قومن موجب دنيا ۾ اٽڪل 16 ڪروڙ ٻار پورهئي تي مجبور ۽ هر 10 مان هڪ ٻار مزدوري ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ عالمي سطح تي چائيل?? ليبر ۾ گهٽتائي آئي تنهن هوندي به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سماجي انصاف جي فروغ سان ٻارن جي پورهئي جي چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته چائيل?? ليبر جي خاتمي لاءِ ان جي بنيادي سببن تي ضابطو آڻڻو پوندو، غربت، جنگ، دهشتگردي ۽ تعليم تائين پهچ نه هجڻ به چائيل?? ليبر جا وڏا سبب آهن. صدر چيو ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيل?? ليبر جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو، غربت جي ڪري گهٽ عمر ۾ ئي ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چائيل?? ليبر جي ڪري ٻار پنهنجي ٻاروتڻ، تعليم ۽ صحت کان محروم ٿي وڃن ٿا، پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 27 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ چائيل?? ليبر جي خاتمي لاءِ قانون موجود آهن جن تحت ٻارن کان پورهيو وٺڻ تي پابندي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي پورهئي جي حوصلا ??ڪن?? ۽ انهن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيل?? ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت، معاشري، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميڊيا، واپاري ۽ نجي شعبي سميت معاشري جا سمورا طبقا چائيل?? ليبر جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.