ڪراچي- 15 جون (اي پي پي)پاڪ بحريه جو سنڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن سامو??ڊي علائقن ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ وڏي پئماني تي امدادي آپريشن جاري آهي. پاڪ بحريه طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن مقامي انتظاميه سان گڏجي طوفان سبب متاثر ماڻهن ??ي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪيو ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون. پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون هن وقت تائين ڪيٽي بندر، کارو ??اڻ، شاهه بندر، باگان، سجاول، چوهڙ جمالي ۽ جاتي ش??ر جي مختلف سامو??ڊي علائقن مان 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي ورتو آهي. بلوچستان جي ش??ر اورماڙه ۾ ماهيگيرن جي 46 ٻيڙين کي اورماڙه نيول هاربر تي لنگر انداز ڪيو ويو آهي. پاڪ بحريه جا جهاز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون سمنڊ ۽ متاثر علائقن ۾ گشت جاري رکيو آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آفت سٽيل علائقن ۾ پاڪ بحريه جو جاري رليف آپريشن مشڪل گهڙي ۾ وطن واسين کي هر ممڪن مدد ??راهم ڪرڻ جي عزم جو ثبوت آهي.