اسلام آباد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ روزگار ??يارڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ??ه مارڪيٽ ۾ مختلف نوڪرين جي لاءِ خصوصي ماڻهن جي موزونيت جو تعين عالمي معيارن موجب ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ معذور?? جي درجابندي ۽ نوعيت جي فريم ورڪ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن، نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشن اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت، نيوٽيڪ ۽ نادرا جي سينيئر عملدارن ۽ صحت جي عالمي ادار?? جي نمائندي ڊاڪٽر مريم ملڪ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته هنرمند خصوصي ماڻهن جي نوڪر?? جي لاءِ امڪاني آجرن جي نشاندهي ڪرڻ گهرجي ۽ پهرين مرحلي ۾ نجي شعبي ۾ وڏن آجرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي مهارت موجب انهن کي ايڊجسٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي نمائندگي وڌائي وڃي ته جيئن انهن کي مڪ جو پيداواري شهري بڻائي سگهجي. صدر قومي ۽ صوبائي سطحن تي عالمي معيارن ۽ بهترين طريقن موجب تيار ??يل معذور?? جي درجابند?? جي فريم ورڪ کي اختيار ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اهو فريم ورڪ معزور?? جي نوعيت سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي مارڪيٽ ۾ نوڪرين جي لاءِ موزونيت جو تعين ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. هن معذور?? جي سرٽيفڪيٽس کي اردو ۾ ترجمو ڪري عام ماڻهن جي لاءِ پهچ جوڳو ۽ پڙهڻ جي قابل بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته اهي سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي درجابند?? جي فريم ورڪ ۽ معذور?? جي سرٽيفڪيٽ کي اختيار ??رڻ جي لاءِ صوبن سان پنهنجي هم آهنگي کي بهتر بڻائي?? جنهن سان خصوصي ماڻهن کي تمام وڌيڪ سهولت ملندي. صدر ميڊيا ۾ خصوصي ماڻهن جي ڪاميابي کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن انهن جي حوصلا افزائي ٿي سگهي. صدر انساني حقن جي وزارت تي زور ڏنو ته اها سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ نوڪريون ڳولڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪوششن کي تيز ڪري.