اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي، اها نشريات سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سيٽلائ??ٽ ذريعي پهچ جوڳي آ??ي. ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو قدم پي ٽي وي نيشنل قائم ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي عوام جي پراڻي مطالبي جي تڪميل آهي. ان نشريات سان مقامي مسئلن جي حل ۽ خيبرپختونخواهه جي متحرڪ ثقافت ۽ ورثي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معلوما??، تعليم ۽ انفو??ين??نٽ ڪان??ين?? جي لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ مدد ملندي جيڪو مقامي ڪميونٽيز جي مفادن جي لاءِ بهتر طريقي سان خدمتون سرانجام ڏيندو.