اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي تيونس سان ٻطرفي واپار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر اقتصادي تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار تيونس جي لا??ِ پاڪستان جي نامزد سفير جاويد احمد عمراڻي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته پاڪستان تيونس سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ مختلف معاملن تي هڪ جه??ا خيال رکن ٿا. صدر ??يو ته نامزد سفير تعليم، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ تيونس سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر ??اڪٽر عارف علوي بين المذاهب هم آهنگي، ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، فلسطين ۽ اسلامو فوبيا جه??ن عالمي مسئلن جي حل ۾ تعاون جي لاءِ او آءِ سي بابت تيونس جي ويزن کي ساراهيندي گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ۾ ”مذهبي نفرت جي خاتمي“ تي پاڪستان پاران پيش ڪيل قرارداد تي تيونس جي حمايت جي آجيان ڪئي. هن چيو ته نامزد سفير مختلف فورمز تي اسلامو فوبيا، ڀارت ۾ اقليتن سان اڻوڻ??دڙ سلوڪ کي اجاگر ڪري. صدر ??يو ته ڀارت انساني حقن جون سنگين خ??اف ورزيون ڪري رهيو آهي ۽ هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلم ڪري رهيو آهي، ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ??اڪٽر عارف علوي صدر قيس سعيد جي قيادت ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ تيونس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.