اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آه??، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو ۽ خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن حملي تي ساڻس ت??زي?? ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري قوم ڏکويل آه??، جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آه??. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا در??ا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آه??، واقعي جي ذميوارن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير خان، سردار اسرار ترين، قومي ا??يمبلي جو ڊپٽي ا??پيڪر زاهد اڪرم در??ني، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ قومي ا??يمبلي ميمبر عبدالاڪبر چترالي پڻ موجود هئا.