اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ??ه جتي معدفي ذخيرا آهن هو پٺي تي پيل علائقا آهن، ا??ان جي ڪوشش آهي ??ه معدنيا?? جي ترقي جي ثمرن ??ان مقامي ماڻهن کي تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقي ۾ حصو ??لي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرلز سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ٻيهر ٽيڪ آف جي لاءِ تيار ٿي رهيو آهي، پاليسن جي تسلس کي جاري رکيو، 2035ع تائين پاڪستان هڪ هزار ارب ڊالر جي معيشت بڻجي سگهي ٿو ۽ في ڪس آمدني چار هزار ڊالر ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪار اچي رهيا آهن جن ??ان مل?? جي معاشي ترقي ??ان گڏوگڏ عوامي ترقي به ٿيندي، ا??ان کي پنهنجي محنت ??ان ترقي ڪرڻي آهي، ترقي جي ان عمل ۾ سڀني کي شامل ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ کاڻين کوٽڻ واري شعبي ۾ ڪيترائي موقعا آهن ۽ کاڻين کوٽڻ کي شروع ڪرڻ لاءِ ا??ان وٽ اهو درست وقت آهي.