اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته عوام کي ??يڪي بل مليا اهي ج??لاءِ جا آهن، نگران حڪومت 17 آگسٽ تي حلف کنيو، عوام جي ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ??ن مسئلي ج?? حل طرف اچڻ گهرجي، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته بجلي ج?? بلن ۾ اضافي ج?? ذميوار ڪير آهي، اسان جو ڌيان عوام کي ??يليف ڏيڻ تي آهي، اسان ذميوار آئيني نگران حڪومت آهيون، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اسان ان مسئلي ج?? نوٽيس ناهي ورتو، سڀاڻي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان مسئلي تي ڳالهه ٿيندي، اميد آهي عوام کي ??يليف ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم ٻه ڏينهن اڳ بجلي ج?? بلن ۾ اضافي ج?? نوٽيس ورتو، اڄ به بجلي ج?? بلن جي حوالي سان لاڳاپيل ڌرين سان اجلاس منعقد ڪيو. هن چيو ته ان ڳالهه تي غور ڪيو پيو وڃي ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ رهندي ماڻهن کي ڪهڙو ريليف ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته ميديا کي ??جلي ج?? بلن ۾ اضافي ج?? سببن کان ماڻهن کي ??گاهه ڪرڻ گهرجي، ملڪ ?? اڳ ۾ ئي سياسي درجه حرارت وڌيڪ آهي، اسان ان کي گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، ان بحث ۾ نه ٿا وڃڻ چاهيون ته ڪير ذميوار آهي. هن چيو ته اسان کي ??مورين پارٽين سان گڏجي چونڊن کي يقيني، پرامن ۽ منصفاڻو بڻائڻو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته عوام جا ڪاوڙ جائز آهي پر احتجاج بدران اسان کي ??ن مسئلي ج?? حل طرف وڃڻ گهرجي، اسان کي پرامن احتجاج ۽ پرتشدد احتجاج جي فرق کي ??مجهڻو پوندو. هن چيو ته عوام ڊسڪوز جي ملازمن تي تشدد ڪرڻ بدران ان مسئلي ج?? حل طرف اچي. هڪ سوال جي ج??اب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت جي مدي ج?? تعين اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي، اليڪشن ڪميشن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي فيصلن جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51 تحت چونڊن جي حوالي سان پورو شيڊيول پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيو آهي. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن جي اعلان ڪيل تاريخ تي پرامن شفاف، منصفاڻي ۽ غيرجانبدراڻي چونڊن کي يقيني بڻائينداسين ۽ ان سلسلي ۾ اليڪشن ڪميشن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.